بدحال عوام جا سياستدان خوش آهن

0
114
تماش گاهه ... فوج ۽ سياستدان

 اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان 2021ع لاءِ پارليامينٽ ميمبرن جي اثاثن جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهن، جنهن موجب عمران خان 140 ملين رپين، شهباز شريف 100 ملين ۽ آصف زرداري 71 ملين رپين کان وڌيڪ جي اثاثن جا مالڪ آهن. تفصيل موجب اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي اثاثن جي ماليت 14 ڪروڙ 21 لک رپيا آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين کي ميانوالي ۽ لاهور جي زمان پارڪ ۾ ورثي ۾ گهر مليا آهن، جڏهن ته کيس بني گالا جو گهر تحفي ۾ مليو آهي، جيڪو 300 ڪنال جو آهي. اليڪشن ڪميشن موجب عمران خان وٽ بکر ۾ 3 ملڪيتون آهن. عمران خان گرينڊ حيات ٽاور ۾ ٻن اپارٽمنٽس لاءِ 11.9 ملين رپيا ايڊوانس ڏنا آهن. بني گالا ۾ عمران خان جي گهر جي اضافي تعمير تي 11.4 ملين رپيا لاڳت آئي آهي، جڏهن ته لاهور ۾ زمان پارڪ گهر جي تعمير تي 48.6 ملين رپيا لاڳت آئي.

اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي بئنڪ اڪائونٽ ۾ 63 ڪروڙ رپيا آهن. سندس ٻه ڊالر اڪائونٽ ۾ 329 ڊالر پيل آهن. هن پنهنجي اثاثن ۾ چار ٻڪريون به ظاهر ڪيون جن جي ماليت ٻه لک رپيا هئي. هن 500,000 رپين جي ماليت جو فرنيچر پڻ ڏيکاريو آهي. عمران خان جي گهر واري بشريٰ بي بي پاڪپتن ۾ 431 ڪنال، پاڪپتن جي تپي مانيڪا ۾ 52 ڪنال ۽ تپي پير غني ۾ 379 ڪنال زمين جي مالڪ آهي. بشريٰ بي بي اوڪاڙه ۾ 267 ڪنال زمين ۽ بني گالا ۾ 3 ڪنال گهر جي مالڪ آهي، وزيراعظم ۽ مسلم ليگ ن جو صدر شهباز شريف 10 ڪروڙ رپين جي اثاثن جو مالڪ آهي. شهباز شريف جي لنڊن ۾ هڪ ڪروڙ 37 لک رپين جي ملڪيت آهي، لنڊن ۾ سندس بئنڪ اڪائونٽ خالي آهي جڏهن ته سندس پاڪستاني بئنڪ اڪائونٽ ۾ 2 ڪروڙ رپيا آهن. وزيراعظم شهباز شريف 14 ڪروڙ رپين جو قرضي آهي. سندس پٽ سلمان شهباز تي 33.9 ملين رپيا قرض آهي. اليڪشن ڪميشن موجب وزيراعظم جي گهرواري تهمينه دراني 57 لک رپين جي اثاثن جي مالڪ آهي جڏهن ته سندس گهرواري نصرت شهباز 23 ڪروڙ رپين جي اثاثن جي مالڪ آهي.

پ پ جو شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻو صدر آصف علي زرداري 71 ڪروڙ 42 لک رپين جي اثاثن جو مالڪ آهي. آصف زرداري پاڪستان ۾ 20 ملڪيتن جو مالڪ آهي، ۽ وٽس هڪ ڪروڙ 66 لک رپين جا هٿيار پڻ آهن. آصف زرداري وٽ 6 گاڏيون به آهن، آصف زرداري جي پرڏيهه ۾ ڪا به ملڪيت ناهي، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف وٽ 5 جائيدادون آهن، هن وٽ 100 تولا سون، هڪ ڪروڙ 20 لک روڪ پيل آهن. سندس بئنڪ اڪائونٽ ۾ 470,000 رپيا آهن. پرڏيهي وزير ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو 1 ارب 60 ڪروڙ رپين جي اثاثن جو مالڪ آهي، بلاول ڀٽو جا دبئي ۾ ٻه بنگلا آهن، هڪ کيس ورثي ۾ مليل ۽ ٻيو تحفي طور ڏنو ويو. بلاول ڀٽو پاڪستان ۾ 19 جائيدادن جو مالڪ آهي، وٽس 6 ڪروڙ 68 لک رپيا نقد آهن. وٽس پرڏيهه ۾ 150 تولا سون، 7 قيمتي واچون آهن بلاول جي دبئي ۾ سيڙپڪاري به ڪيل آهي.

قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ راجا رياض وٽ 3 ڪروڙ 70 لک رپين جون 4 ملڪيتون آهن جڏهن ته وٽس 2 گاڏيون به آهن. پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير عمر ايوب جي اثاثن جي ماليت 1 ارب 19 ڪروڙ رپيا آهي. مسلم ليگ ن جي اياز صادق جي اثاثن جي ڪل ماليت 24 ڪروڙ 81 لک رپيا آهي. عوامي مسلم ليگ جي سربراهه ۽ اڳوڻي وفاقي وزير شيخ رشيد جون پاڪستان ۾ 7 ملڪيتون آهن جن جي ماليت 41.8 ملين رپيا آهي. سندس بئنڪ اڪائونٽ ۾ 10 ڪروڙ 68 لک رپيا آهن. منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال جون نارووال ۽ رحيم يار خان ۾ ڪل 3 ملڪيتون آهن. سندس وارثن وٽ 15 تولا سون ۽ بئنڪ ۾ 3 لک 24 هزار رپيا جڏهن ته وٽس 2 لک 65 هزار رپيا نقد به موجود آهي. پي ٽي آءِ اڳواڻ فرخ حبيب جي اثاثن جي ماليت 24.5 ملين رپيا جڏهن ته حماد اظهر جي اثاثن جي ماليت 402 ملين رپيا آهي، پي ٽي آءِ اڳواڻ مراد سعيد وٽ ڪو به گهر ناهي. هن وٽ هڪ ڪار ۽ سون جا پندرهن تولا آهن. بئنڪ ۾ 3 ڪروڙ رپيا رکيل اٿس. پرويز خٽڪ جي اثاثن جي ماليت 1.7 ملين ۽ 3 ڪروڙ بينڪ ۾ آهن.هڪ 52 ملين کان وڌيڪ جو قرضدار آهي.

حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته ڪميشن اڃا تائين سرڪاري طور تي تفصيل پنهنجي ويب سائيٽ تي درج نه ڪيا آهن. سندس پبلڪ رليشن ڊپارٽمينٽ چيو ته جيڪي ماڻهو ڪنهن ميمبر بابت تفصيل چاهين ٿا اهي ڪميشن کي باضابطه درخواست ڪندا جنهن بعد تصديق ٿيل معلومات جاري ڪئي ويندي. اهي تفصيل ويب سائيٽ تي پوسٽ نه ڪرڻ جو بظاهر ڪو به سبب نظر نه ٿو اچي، ڇو ته معلومات ماضي ۾ مهيا ڪئي وئي آهي. ايئن پهريون ڀيرو ٿيو آهي ۽ ويب سائيٽ تي معلومات پوسٽ نه ڪرڻ جو ڪهڙو سبب ٿي سگهي ٿو. ڪنهن شيءَ تي پردو وڌو ويو آهي. اوهان ڏٺو ته پاڪستاني عوام جا چونڊيل ميمبر امير آهن. اهي ايترا غريب ناهن جو عوام لاءِ پاڻي جي ڪا سبيل به نه لڳرائي سگهن. نه اسپتال، نه ڊسپينسري، نه تعليمي ادارو قائم ڪيو آهي ان لاءِ اهي سڀ حڪومت ڏانهن ڏسن ٿا. پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ انتهائي غربت آهي. ماڻهن کي پيئڻ جو پاڻي به ميسر ناهي. ڪٿي به هنن ماڻهن ٽيوب ويل نه لڳايو آهي. انهن مان ڪيترا چولستان ۽ ٿرپارڪر پهچي ماڻهن جي حالت زار جو اندازو لڳائي چڪا آهن؟ اين جي اوز تحت، جيڪي عوام جي خدمت لاءِ ڪم ڪن ٿيون، اهي عوام کان چندو گڏ ڪن ٿيون. سنڌ ۾ بلاول ميڊيڪل ڪاليج، بختاور ميڊيڪل ڪاليج، آصفه ميڊيڪل ڪاليج، غلام محمد مهر ميڊيڪل ڪاليج وغيره قائم ڪيا ويا آهن پر انهن ادارن جي تعمير ۾ انهن امير چونڊيل ماڻهن جو ڪو به ڪردار نه آهي. ملڪ جي ڪنهن به حصي ۾ ڪنهن به سياسي اڳواڻ يا سياستدان پرائمري اسڪول قائم نه ڪيو آهي. ڇاڪاڻ ته پيپلز پارٽي اقتدار ۾ آهي، انهن جي قيادت کي خوش ڪرڻ لاءِ ادارن جا نالا پارٽي اڳواڻن جي اولاد جي نالن پٺيان رکيا آهن. پاڪستاني سياستدانن جي هاڻي اها کيپ نظر نه ٿي اچي جيڪا عوام تي پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪندي هئي.

هڪ نامعلوم شاعر جو شعر سوشل ميڊيا تي موجود آهي.

اي ميري ديس ڪي لوگو، شڪايت ڪيون نهين ڪرتي

تم اتني ظلم سهه ڪر ڀي بغاوت ڪيون نهين ڪرتي

يه  جاگيرون ڪي مالڪ ،لٽيري ڪيون چني تم ني

تيري اوپر تيري جيسي حڪومت ڪيون نهين ڪرتي

يه ڀوڪ ،افلاس،تنگ دستي تمهارا هي مقدر ڪيون

مقدر بدلني ڪي جسارت ڪيون نهين ڪرتي

ميري منصف تمهاري فيصلون سي مجهي ڪيا حاصل

جو ميرا ڪيس هي اس ڪي سماعت ڪيون نهين ڪرتي

اگر تسليم ڪرتي هو ميري باتين مدلل هين

تو ڦر تم ميري موقف ڪي حمايت ڪيون نهين ڪرتي