لاهور (بيورو رپورٽ) نون ليگ اڳواڻ راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته بلاول ڀٽو زرداري پي ڊي ايم جو شوڪاز نوٽيس ڦاڙي سٺي حرڪت ناهي ڪئي، پي ڊي ايم سمورا فيصلا مشاورت سان ٿيندا آهن، اتحاد کي اوور ٽيڪ ڪرڻ واري ڳالهه غلط آهي، لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته پي ڊي ايم حڪومت مخالف تحريڪ جاري رکندي، پيپلز پارٽي سينيٽ ۾ اپوزيشن ليڊر جي عهدي لاءِ حڪومتي ميمبرز کان ووٽ وٺي معاملن کي خراب ڪيو آهي