ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جِي دهشتگردي ٽوڙ عدالت، جي ڊي اي اڳواڻ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ ٻين کي بدين ۾ ٿاڻي تي حملي واري ڪيس مان بري ڪري ڇڏيو، ڪيس ۾ 54 شريڪ جوابدار نامزد هئا، عدالت ثبوت پيش نه ٿيڻ جي صورت ۾ کين بري ڪرڻ جو حڪم ڏنو. جڏهن ته ذوالفقار مرزا مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون جو نعرو لڳائيندڙن کان وڌيڪ وزيراعظم عمران خان کي سنڌ جو احساس رکندڙ قرار ڏئي ڇڏيو، شيخ رشيد بيان ڏنو ته ڪراچي ۾ سنڌين ۽ بھارين جي اين آئي سي ٺھن بابت بيان کي ڪيئن ٿا ڏسو ۽ ڇا وزيراعظم سنڌين جا اين آئي سي ڪارڊ نه ٺاھڻ جو اختيار رکي ٿو؟ واري سوال تي اڳوڻي صوبائي گهر وزير ذوالفقار مرزا چيو ته شيخ رشيد جو بيان مان ناھي ٻڌو، ايئن ناھي اسان جي وزيراعظم کي مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون جو نعرو لڳائيندڙ ليڊرن کان وڌيڪ سنڌ جو احساس آھي.