ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار، ڪراچي ۾ سنڌين جَي سڃاڻپ ڪارڊز واري مامري تي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد کان معافي جو مطالبو ڪري ڇڏيو، صوبائي وزير اسماعيل راهو چيو آهي ته ڪنهن ماءُ جي لال ۾ همت ئي ناهي ته هو ڪراچي ۾ سنڌين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ کان انڪار ڪري، سنڌين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ يا نه ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ وارو عمران خان ڪير ٿيندو آهي: شيخ رشيد جي بيان تي سوشل ميڊيا تي به سخت رد عمل ڏنو پي وڃي، وفاق جي اهڙن قدمن ۽ بيانن سان سنڌ ۾ نفرت وڌندي ۽ وڌي رهي آهي، شيخ رشيد اهڙي بيان تي سنڌ جي عوام کان معافي گهري.