سکر (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري هندو برادريءَ کي هوليءَ جي تهوار جون واڌايون  ڏنيون آهن، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري گذريل ڏينهن پ پ منارٽي ونگ سکر ضلعي جي جنرل سيڪريٽري راجڪمار واڌواڻي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻول ڪندي هوليءَ جون وڌايون ڏنيون. پ پ چيئرمين جو چوڻ هو ته پوري دنيا ۾ هندو برادري پيار، محبت ۽ رنگن جو ڏهاڙو هولي ڀرپور جذبي سان ملهائي رهي آهي، هندو برادري پاڪستان جو سرمايو آهي. سنڌ ۾ هندو برادريءَ کي مڪمل تحفظ فراهم ڪيو وڃي.