پشاور(م ڊ) پشاور ۾ ماچيس ٺاهيندڙ فيڪٽري ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ ٻه ڄڻا فوت ٿي ويا. پوليس موجب حيات آباد ۾ ماچيس ٺاهيندڙ فيڪٽري ۾ ڌماڪو ٿيو، ڌماڪي ۾ ٻه ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ فيڪٽري جي ڇت کي نقصان پهتو آهي. ريسڪيو اختيارين جو چوڻ آهي ته انڊسٽريل اسٽيٽ ۾ پراڻي ماچيس جي بند فيڪٽري ۾ صفائي دوران ڌماڪو ٿيو ۽ ڇت ڪِري پئي. اسپتال انتظاميا ٻڌايو ته ٻه لاش حيات آباد ميڊيڪل ڪامپليڪس منتقل ڪيا ويا.