ڪراچي (م ڊ) پ پ جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي نياڻي آصفه ڀٽو زرداري عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي بيان ۾ چيو ته پاڪستاني عورتن کي چُپ نٿو ڪرائي سگهجي، اسان جي آواز کي نٿو دٻائي سگهجي. هن چيو ته اسان کي غيرت جي نالي تي پوئتي نٿو هٽائي سگهجي.