خيرپور (رپورٽر) شهيد بشير خان قريشيءَ جو ويجهو ساٿي استاد ايوب لاشاري ڪجهه عرصو بيمار رهڻ بعد لاڏاڻو ڪري ويو. مرحوم جي جنازي نماز دلشاد پارڪ خيرپور ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ شهيد بشير خان قريشي جي پٽ ڪوثين خان قريشي، جسقم اڳواڻ امجد مهيسر، ڏاڏو اطهر سومرو، ديدار شام، خرم مهيسر سميت قومي ڪارڪنن، اديبن، شاعرن، صحافين ۽ علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. مرحوم جي مڙهه کي اباڻي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو. مرحوم استاد ايوب لاشاري بهادر ۽ نظرياتي قومپرست اڳواڻ  هو. هن پنهنجي سموري حياتي قومي حقن جي جدوجهد لاءِ وقف ڪري ڇڏي.