خيرپور (رپورٽر) اغوا، ڌاڙن ۽ پوليس مقابلن جي سنگين ڪيسن ۾ گهربل ٻن جوابدارن ڏوهن جي دنيا کي الوداع ڪري پاڻمرادو گرفتاري پيش ڪري ڇڏي. پوليس پڌرائي موجب بدنام ڏوهارين جاويد ناريجو ۽ عبدالغفار ناريجو ايس ايس پي خيرپور مير روحل کوسو آڏو گرفتاري پيش ڪئي. پوليس جي دعويٰ مطابق علائقي ۾ دهشت جي علامت بڻيل ڏوهاري جاويد ناريجو ۽ عبدالغفار ناريجو خيرپور ۽ ٻين ضلعن ۾ قتل، پوليس مقابلن، دهشتگردي سميت ڪيترن ئي سنگين نوعيت جي ڪيسن ۾ پوليس کي گهربل هئا. گرفتاري پيش ڪندڙ جوابدارن خلاف قتل، ڌاڙن، اغوا، پوليس مقابلن، دهشتگردي ۽ مختلف نوعيت جا 12 ڪيس داخل آهن.