لاڙڪاڻو/ قمبر/ لعلورائنڪ (نمائندن وٽان) لعلورائنڪ ۾ يوسي نورآباد جي ٻوڏ متاثرن واهر نه ٿيڻ خلاف شمس الدين ويئنس، ٻاجهي خان سولنگي، انور سولنگي، عبدالرحمن چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽريڪٽر ٽرالين تي سوار ٿي وارھ لاڙڪاڻو روڊ تي رڪاوٽون وجهي ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي اڳواڻن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڳوٺ بخشل ماڇي، جکر، شاهنواز ٻُڍاڻي، لهڻو ماڇي، مٺو ماڇي، تاج محمد تنيو، غيبياڻي چانڊيه سميت 20 ڳوٺن جي سوين ٻوڏ متاثرن کي انتظاميا هر قسم جي امداد کان مڪمل طور نظرانداز ڪري ڇڏيو آهي، خاص طور ورلڊ فوڊ پروگرام ۾ به نورآباد جي مک ڳوٺن جي سروي ناهي ڪئي وئي. هوڏانهن ڳڙهي خيرو ۾ برسات متاثرن سھائتا نه ٿيڻ خلاف سول ڪورٽ آڏو اسرار کوسو جي اڳواڻي ۾ سول ڪورٽ ٻاھران ڌرڻو ھنيو ويو. . ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي متاثرن دانھيو ته مختلف يوسيز ۾ ڪم ڪندڙ سماجي تنظيم سياسي سفارش ۽ رشوت عيوض ماڻھن جي سروي ڪري رھي آھي.  جڏھن ته مسڪين ۽ بيواھ عورتن کي سروي ۾ شامل نه پيو ڪيو وڃي. متاثر سول جج ڳڙهي خيرو کي اپيل ڪئي ته پنھنجي نگراني ۾ ڳوٺن جي سروي ڪرائي غريب متاثرن جي مدد ڪئي وڃي. لاڙڪاڻي ۾ جيئي سنڌ محاذ طرفان سنڌي ايسوسئيشن الامارات ماجد حيدري ۽ فقرائي سٿ ذوالفقار هاليپوٽو جي سهڪار سان 100 کان وڌيڪ ٻوڏ متاثر خاندانن ۾ گرم ڪپڙا، ڪوٽ، جرسيون، سوئيٽر ۽ مڇرن مڇردانيون ورهايون ويون.