ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم) سنڌ جي پاڻي ماهرن، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن سنڌ ۾ آيل برساتي ٻوڏ جو ذميوار سنڌ سرڪار جي بدانتظامي ۽ وڏيرڪي نظام کي قرار ڏيندي مطالبو ڪيو آهي ته غيرجانبدار ماهرن جي سربراهي ۾ ڪاميٽي جوڙي عالمي فنڊ دربدر ٿيل ماڻهن جي بحالي ۽ پاڻي جي قدرتي لنگهن جي بحالي تي خرچ ڪيا وڃن. سنڌ ڪوآرڊينيشن ڪاميٽي  پاران ڪرايل سيمينار کي خطاب ڪندي اڳوڻي آبپاشي سيڪريٽري خالد حيدر ميمڻ چيو ته سنڌ ۾ افغانستان، انڊيا ۽ پنجاب کان پاڻي اچي ٿو، پاڻي جي قدرتي لنگهن تي قبضا آهن، آئون 2010ع ۽ 2011ع  وارين ٻوڏن دوران سنڌ جو آبپاشي سيڪريٽري هئس پر جهڙي بي حسي جو مظاهرو هن ڀيري سنڌ سرڪار ڪيو آهي، اهڙو ڪڏهن به ناهي ٿيو، ميرپورخاص  ۽ ٻين ضلعن جي پاڻي  نيڪال لاءِ  ايل بي اوڊي کي آر ڊي 211 وٽان ئي ڪٽ ڏيڻو پوندو نه ته اهو پاڻي نه نڪري سگهندو، قانوندان مسعود نوراني چيو ته حڪمران سنڌ کي رڳو سونا بيضا ڏيندڙ ڪڪڙ سمجهيو آهي، وڏو وزير مراد شاهه رڳو ڳالهيون ڪري ٿو پر ڳالهين سان پيٽ نه ڀرجندو، سنڌ سرڪار آئين جي آرٽيڪل 9 جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. نيڪاسي واري نظام جي بحالي  ٿيڻ گهرجي  اڳوڻي سفير حسين هارون چيو ته اسان وٽ ماتم ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به رستو ناهي بچيو، عالمي ادارن جا ڏنل پئسا ڪرپشن جي ور چڙهي ويندا، انهي ڪري ڪميشن جوڙي انهي پئسن جو صحيح استعمال ڪيو وڃي. سيمينار کي خطاب ڪندي پروفيسر مشتاق ميراڻي، ڊاڪٽر ايوب شيخ، اسماعيل ڪنڀر، محبوب شيخ ۽ ٻين چيو ته 14 سالن ۾ سنڌ حڪومت نيڪاسي وارو هڪڙو منصوبو ناهي ٺاهيو، جنهن سان برساتي پاڻي نيڪال ٿي سگهي. هن چيو ته ماڻهو ٻڏي ناهن مئا،پر هنن کي قتل ڪيو ويو آهي، هن وقت  سنڌ ۾ لکين ماڻهو بندن ۽ روڊن تي ڪيمپن ۾ بي يارو مددگار آهن، اهي بکن ۾ پاهه ٿين پيا،  کين بيماريون وڪوڙي ويون آهن، اسان کي ڪٿي سرڪار نظر نه پئي اچي. پاڻي ماهرن چيو ته سنڌ اسيمبلي پاڻي جي وهڪرن بابت جيڪو قانون پاس ڪيو هو، ان تي فوري طور عمل ڪيو وڃي. ٻوڏ متاثرن کي نئين سر پڪا ڳوٺ ٻڌي ڏنا وڃن، روزگار ۽ زرعي حوالي سان تڪڙا اپاءُ ورتا وڃن نه ته سنڌ ۾ جيڪا صورتحال سامهون ايندي، اُها خطرناڪ هوندي.