صدرجي ڀٽيون (ن پ ا) صدر جي ڀٽيون ويجهو امدادي سامان سان ڀريل ٽرڪ پويان ويندڙ موٽر سائيڪل سوار 2 ڄڻا ٽريڪٽر هيٺان اچي سخت زخمي ٿي پيا. صدر جي ڀٽيون لڳ ڳوٺ مور جهٻر واسي ٻوڏ متاثر ساجد ۽ مٺل شيخ پاڪ آرميءَ جي امدادي سامان کڻي ويندڙ ٽرڪ پويان موٽر سائيڪل ڊوڙائي وڃي رهيا هئا ته هادل شاهه اسٽاپ وٽ موٽر سائيڪل ٽريڪٽر هيٺيان اچي وئي، نتيجي ۾ ٻئي نوجوان سخت زخمي ٿي پيا، جن کي علائقي واسي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي پيرجوڳوٺ سرڪاري اسپتال پهتا. ٻنهي زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ ڪري کين خيرپور ريفر ڪيو ويو.