ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ جي خانگي بيڪن لائيٽ اسڪول ۾ استاد  ذوالفقار چنا جي مبينا تشدد ۾ نائين درجي جي شاگرد ستيش ڪمار فوت ٿيڻ واري واقعي جو تعليم کاتي جي صوبائي وزير  سردار شاهه نوٽيس وٺندي ريجنل ڊائريڪٽر پرائيويٽ اسڪولز عبدالوحيد چانڊيو کي انڪوائري ڪري ملوث اداري ۽ استاد خلاف قانوني ڪاروائي جو حڪم ڏنو.ڊائريڪٽر پرائيويٽ اسڪولز پرائيويٽ بيڪن لائيٽ اسڪول ڪنڌڪوٽ جي رجسٽريشن ڪينسل ڪري انڪوائري لاءِ 6 رڪني ڪاميٽي جوڙي ڇڏي آهي.ڪاميٽي جو چئيرمين عبدالوحيد چانڊيو، ڊائريڪٽر پرائيويٽ اسڪول عبدالفتح پٺاڻ، غلام مصطفي ميراڻي، غلام رسول ميراڻي، اشوڪ ڪمار ۽ محسن پٺاڻ شامل آهن. شاگرد ستيش ڪمار جي قتل الزام هيٺ آيل اسڪول جي پرنسپال ڪرتار لال ۽ استاد ذوالفقار چنا مٿان اي سيڪشن ٿاڻي تي نينگر جي چاچي راڻو پٽ گلو مل جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو.پوليس ڪيس ۾ ڄاڻايل ٻنهي مک جوابدارن کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي. فريادي موقف اختيار ڪيو ته ڀائيٽي ستيش ڪمار مٿان بيڪن لائيٽ اسڪول جي استاد ذوالفقار چنا تشدد ڪيو، تشدد سبب ان کي ڳجها ڌڪ به لڳا، معاملي کي لڪائڻ لاءِ نينگر کي گهر ۾ اهڙي معاملي جي آگاهي نه ڏيڻ لاءِ دٻاءُ وڌو.نينگر جي چاچي چيو ته اطلاع ملڻ تي جڏهن اسين اسڪول پهتاسين ته ڀائيٽي جي حالت نازڪ هئي ۽ هو دانهون ڪري رهيو هو، ڊاڪٽر کي به ڏيکاريون سين پر ان جي حالت نه سڌري ۽ هو فوت ٿي ويو.پوليس موجب مقتول نينگر جي چاچي جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري جوابدارن کي گرفتار به ڪري ورتو آهي.