ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب هدايت ڪئي آهي ته سانوڻي جي برساتن دوران  پاڻي نيڪال وارن نالن جي صفائي وارو ڪم بنا دير مڪمل ڪيو وڃي، ڪالهه پوليس هيڊ ڪوارٽر گارڊن جي برساتي نالي سميت ٻين نالن جي صفائي واري ڪم جو جائزو وڍڻ دوران هن چيو ته شهر جي ننڍي وڏن نالن جي صفائي ڪرائي پئي وڃي