ٽنڊو محمد خان (رپورٽر) ٽنڊو محمد خان ۾ سنڌ سڀا طرفان قومي ڪارڪنن  جي گمشدگي خلاف الفتاح چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو ويو ، ان موقعي تي اصغر مهراڻ ، شبير لغاري ، شاهه فهد ڀٽي ۽ ٻين چيو ته سنڌ جي قومي ڪارڪنن کي بنا جواز کنڀي گم ڪيو ويو آهي،  جنهن جو عالمي ادارن کي نوٽيس وٺڻ گهرجي،   هنن چيو ته فوري طور کنڀي گم ڪيل سمورن قومي ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي .