حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ڌرتي ڌڻي تحريڪ چيئرمين قادر چانڊيو ۽ سندس ساٿين جي آزدي لاءِ مظاهرو ڪري  حيدرآباد پريس ڪلب سامهون بک هڙتالي ڪيمپ قائم ڪندڙ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي ڪينٽ ٿاڻي جي پوليس قلم 144 جي ڀڃڪڙي جو جواز ڄاڻائي گرفتاري بعد ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو. پوليس جي حراست ۾ ورتل ڌرتي ڌڻي تحريڪ جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن ۾ مرڪزي اڳواڻ امجد پنھور، عرفان چانڊيو، اشفاق ڪليو، مصور سيال، منور تيوڻو، سجاد قمبراڻي، غلام حسين تنيو، رشيد جيسر ۽ شانواز جيسر شامل آهن. احتجاج دوران اڳواڻن چيو ته سندن پارٽي جي اڳواڻن قادر چانڊيو، جاويد لاشاري ۽ وحيد ابڙو تي پوليس پاران ڪوڙا ڪيس داخل ڪري سندن گرفتاري خلاف احتجاج ڪيو آهي. هنن چيو ته هو پرامن آهن پر بنا جواز گرفتار ڪيو آهي،  ٻي طرف پوليس ذريعن موجب شروعاتي طور پوليس پاران 25 کان وڌيڪ ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي گرفتار ڪيو ويو هو پر بعد ۾ هڪ درجن ماڻهو آزاد ڪيا ويا،  جڏهن ته 12 کان 15 ڄڻن جي پوليس پاران گرفتاري به ظاهر ناهي ڪئي وئي. پوليس ذريعن ٻڌايو ته ڄاڻايل اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي پوليس قلم 144 جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو آهي. ايس ايچ او ملڪ جاويد به تصديق ڪئي ته هڪ درجن کان وڌيڪ مظاهرين گرفتار ڪيا آهن، جن خلاف قلم 144 جي ڀڃڪڙي جو ڪيس داخل ڪيو ويندو.