بدين (رپورٽر ) بدين ۾ سياري جي موسم ٿڌ ۾ اضافو اچڻ کان پوءِ غريب بي پھچ ۽ ڏھاڙيدار مزدور پاڻ ۽ ٻارڙن لاءِ گرم ڪپڙا وٺڻ لاءِ لنڊي بازار جو رخ  ڪيو آھي، پر گرم ڪپڙن سوئيٽر جيڪيٽ  توڙي شالن جي وڪري ۾ واپارين ھٿرادو اگھه مقرر ڪري ڇڏيا آھن، ٻھراڙين جي ڳوٺن ۽ شھر جي ڪچي آبادي جي رھواسين گرم ڪپڙا خريد ڪندڙ پورھيت اصغر جوڻيجو غلام حسين چاوڙو عاشق علي راھمون ۽ اسماعيل پٺاڻ پنھنجي اخبار سان ڳالھائيندي چيو ته لنڊي بازار جي واپارين  پاران گرم ڪپڙن جا اگھه پاڻ مرادو ٻيڻا  ڪري ڇڏيا آھن غريب ڏھاڙيدار مزدور پنھنجي ٻچن لاءِ گرم ڪپڙا به ھن مھانگائي جي دور ۾ خريد نٿو ڪري سگھي،  ھنن ضلعي انتظاميا بدين  کي نشاندھي ڪندي چيو ته شھر اندر دڪاندارن، ريڙھا پڙين ۽ گاڏن تي وڪرو ڪندڙ واپارين پاران، سوئٽرن، ڪوٽن، جرابن، جرسين ،سميت سياري ۾ استعمال ٿيندڙ گرم ڪپڙن  جا اگھه ٻيڻا ڪري ڇڏيا آھن  اڪثر ماڻهو بنا خريداري جي واپس موٽي وڃن ٿا، ھنن ڊپٽي ڪمشنر بدين ۽ لاڳاپيل ادارن  کان مطالبو ڪيو آهي ته سياري ۾ وڪامندڙ گرم ڪپڙن جا وڌيڪ اگھه وٺندڙ واپارين خلاف ڪارروائي ڪري گرم ڪپڙن جا مناسب ريٽ مقرر ڪيا وڃن ته جيئن غريب پورهيت به سردي کان بچڻ لاءِ گرم ڪپڙا خريد ڪري سگهن،