حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ اٽي ۽ کير جي اگهن ۾ واڌ کانپوءِ ڪڪڙ جي گوشت ۾ به 100 رپيا ڪلو تي واڌ ٿي وئي آهي. ڪڪڙ جو گوشت مهانگو ٿيڻ بعد مهانگائي سٽيل عوام ٻٽي عذاب ۾ مبتلا ٿي وئي آهي. شهرين جو چوڻ آهي ته گذريل هفتي اٽي کانپوءِ کير جي في ليٽر تي 20 رپيا اضافو ڪيو ويو ۽ هاڻي وري ڪڪڙ جو گوشت 500 رپين کان وڌائي 600 رپيا ڪيو ويو آهي جنهن ڪري هو عام واهپي جون شيون وٺڻ کان لاچار آهن. ڪڪڙ جي گوشت جو ڪاروبار ڪندڙ دڪاندارن جو چوڻ آهي ته زندهه ڪڪڙ جي اگهه ۾ واڌ ٿي آهي جنهن بعد انهن به اگهه وڌائي ڇڏيا آهن. سندن چوڻ موجب ته گذريل هفتي زندهه ڪڪڙ في ڪلو 465 رپين ۾ فراهم ٿي رهي هئي جيڪا هاڻي 60 رپيا واڌ بعد 515 رپيا ٿي وئي آهي جڏهن ته ٽرانسپورٽ جو ڪرايو ۽ ٻيا خرچ لڳائي کين دڪانن تائين ڪڪڙ جو في ڪلو 550 رپين ۾ فراهم پيو ٿئي جنهن ڪري انهن 30 کان 50 رپيا في ڪلو تي واڌ ڪري گوشت جو اگهه 580 کان 600 رپيا ڪري ڇڏيو آهي. هوڏانهن شهرين ڊي سي کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي ته جيئن کين سرڪاري اگهن تي عام واهپي جون شيون فراهم ٿي سگهن.