چوهڙ جمالي(ن پ ا) چوهڙ جمالي ۾ لنڊي موري جي مرمت لاءِ شهرين جو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. لاکاٽيا اسٽاپ ويجهو ستاواھ جي آر ڊي 14 تي قائم لنڊي موري جي پل زبون حالي جو شڪار پل جي مرمت نه ٿيڻ خلاف مختلف ڳوٺن نواب خان رند عارف رند، زمان اوٺو سميت ٻين ڳوٺن جي رهواسين علي احمد رند، خادم حسين، و ڪيو، زمان اوٺو مرتضي رند ۽ دانهيون. هنن چيو ته گذريل 10 سالن کان پل زڀون حالي جو شڪار آھي اسان ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت پل جي مرمت ڪئي پر هاڻي پل جي حالت انتهائي خطرناڪ ٿي ويئي آھي هن پل سوين ڳوٺن جي ماڻھن جي اڄ وڃ آھي جيڪڏھن پل ڪري پئي ته اسان جو شھر سان زميني رابطو ڪٽجي ويندو اسان جي سبزين ۽ ڪمند جي لوڊ گاڏين جو به هن پل تان گذر ٿئي ٿو پل جي زبون حالي سبب سخت پريشان آھيون پر ايريگيشن عملي هن ول طرف ڪوبه ڌيان نه ڏنو آھي هنن سنڌ حڪومت ۽ آپباشي کاتي جي صوبائي وزير سميت ايريگيشن جي چيف انجنيئر کان مطالبو ڪيو آھي ته پل جي جلد مرمت ڪرائي پريشاني کان بچايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.