بدين (رپورٽر ) بدين جي وارڊ نمبر 7 لڳ درگاھ ماھولي جي رھواسي پورهيت امير بخش خاصخيلي پنھنجي بيھوش ٿيل ڀيڻ کي کڻي معصوم ٻارڙن سان گڏ ايوان صحافت پهچي صحافين اڳيان دانھيندي چيو ته لکاڏنو خاصخيلي، امداد خاصخيلي  بچل شاھ ۽ لکو چانڊيو پلاٽ تي قبضو ڪرڻ لاءِ گهر تي حملو ڪري عورتن ۽ معصوم ٻارڙن مٿان سخت تشدد ڪيو،  ڌڪ لڳڻ ڪري ڀيڻ بي بي خاصخيلي ۽ ٻه ٻارڙا آزاد ۽ احسان علي  سخت زخمي ٿي پيا، پوليس بااثرن خلاف ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار ناهي نه عورت جي علاج لاءِ ڪو ليٽر ٿي جاري ڪري هن چيو ته بااثر پلاٽ تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا، انصاف ڪيو وڃي.