فريدآباد (ن پ ا) ڳوٺ قادربخش رند ۾ شوڪت رند ۽ عبدالحميد رند جي ڌرين ۾ ٻڪرين مان کير ڏھڻ تان جهيڙو ٿي پيو، لٺيون، سروٽا ۽ پٿر لڳڻ سبب ٻنھي ڌرين جا 4 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ محمد حسن رند، عبدالوحيد،وريل برڪت رند شامل آهن جڏهن ته زخمين کي فريدآباد ٿاڻي کانپوءِ علاج لاءِ ميهڙ نيو ويو.