لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي جي شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج ڪرڻ تي پنجن شاگردن کي معطل ڪرڻ توڙي شاگردن کي فيل ڪري نتيجا روڪڻ واري عمل خلاف چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردن ڪاليج جي مُک گيٽ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي شاگرد اڳواڻن ڊاڪٽر فرمان کوسو، ڊاڪٽر سعيدالله چانڊيو، ڊاڪٽر عمر نثار، ڊاڪٽر عرفان علي، ڊاڪٽر سجاد ۽ ٻين چيو ته ٽي ڏينهن اڳ چانڊڪا مڊيڪل ڪاليج جي شاگردن ماروي هاسٽل تي پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو هو، انتظاميه ڳالهيون ڪندي جلد کان جلد پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جو چيو پر ٽي ڏينھن گذرڻ باوجود هاسٽل تي پاڻي نه اچي سگهيو آهي، هنن چيو ته يونيورسٽي انتظاميا بنا جواز پنجن شاگرد اڳواڻن فرمان علي کوسو، عرفان علي کوسو، محمد عمر آرائين ۽ مسرور حسين تونيو کي معطل ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته انتظاميه رڪارڊ گم ٿيڻ ۽ هاسٽل فيس ادا نه ڪرڻ جو جواز ڄاڻائي چانڊڪا ميڊيڪل ڪاليج جي 108 شاگردن کي فيل ڪرڻ سان گڏ 50 شاگردن جا نتيجا روڪي ڇڏيا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته شاگردن کي فيل ڪرڻ وارو فيصلو واپس وٺي شاگردن ۾ ڇانيل بيچيني ختم ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.