ڪنڌڪوٽ/ بخشاپور (نمائندن وٽان) بخشاپور ٿاڻي جي حد انڊس هاءِ وي زورڳڙھ اسٽاپ وٽ هٿياربندن مسافر گاڏين تي سڌي فائرنگ ڪئي، ٽرڪ ڊرائيور مجاهد پٺاڻ ڄنگهه ۾ گولي لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو.گشت ڪندڙ پوليس جي فائرنگ ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا. ايس ايچ او بخشاپور عبدالقادر چانڊيو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ڏوهارين مسافر گاڏي تي فائرنگ ڪري ٽرڪ ڊرائيور کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوليس پهچي ڊرائيور کي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو،ڏوهارين جي فائرنگ ۾ ٻه پوليس موبائلون مڪمل طور تباهه ٿي ويون آهن، زخمي ٽرڪ ڊرائيور کي اسپتال منتقل ڪيو. هوڏانهن ايس ايس پي ڪشمور رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته پوليس مقابلي ۾ مارجي ويلن جي 50 لک انعام يافتا ڏوهاري شريف بنگوار ۽ سندس سئوٽ وهاب بنگوار طور ٿي آهي. ايس ايس پي جو چوڻ هو ته 2 بدنام ڏوهاري مارجي وڃڻ پوليس جي وڏي ڪامياب ڪاروائي آهي. هن جو چوڻ هو ته بدنام زمانا ڏوهاري شريف بنگوار قتل، اغوا، ڦر ۽ ڌاڙن سميت مختلف سگين نوعيت جي ڪيسن ۾ گهربل هو ۽ ضلعي جي مختلف ٿاڻن تي ڪيترائي ڪيس داخل ٿيل آهن.