راڻيپور (ن پ ا) شڪارپور مان اغوا ٿي ويل راڻيپور واسي ٻن پورهيتن ۽ ڪراچيءَ جي ٻن واپارين جي وارثن جو سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج درانيءَ سان رابطو، مغوين جي بازيابيءَ ۾ مدد جي اپيل. تفصيل موجب 25 ڏينهن اڳ ڪرين مشين جو سودو ڪرڻ لاءِ ڪراچي واسي واپاري حبيب الله پٺاڻ سان گڏ شڪارپور وڃڻ کان پوءِ اغوا ٿي ويل راڻيپور واسي محب الله پٺاڻ، غلام علي هوت ۽ فرمان لاشاري جي بازيابي عيوض ڌاڙيلن پاران ڏيڍ ڪروڙ رپيا ڀنگ طلب ڪرڻ کان پوءِ مغوين جي وارثن سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج درانيءَ سان رابطو ڪري مدد جي اپيل ڪئي آهي. وارثن غلام عباس هوت ۽ نعمت الله پٺاڻ ٻڌايو ته ڌاڙيلن فون ڪري ڏيڍ ڪروڙ رپيا ڀنگ گهريو آهي. هڪ مغوي غلام علي هوت سخت بيمار آهي. ڌاڙيلن فون ڪري چيو ته توهان جو همراھ بيمار آهي، پئسا ڏيو نه ته توهان کي لاش ملندا. هنن ايس ايس خيرپور کي اپيل ڪئي ته مغوين کي ڌاڙيلن جي چنبي مان آزاد ڪرايو وڃي.