ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) صحت کاتي واري صوبائي وزير عذرا پيچوهو چيو آهي ته ٻارڙن ۾ دل جي بيمارين جو سبب ڪزن ميرج ( پنهنجن ۾ شادي)  آهي، گذريل ڏينهن ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي جي ڊائو 97 فائونڊيشن پاران سول اسپتال ڪراچي ۾ قائم ڪيل ٻارڙن جي دِل واري وارڊ جو افتتاح ڪرڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي  هن چيو ته دوائن جون ملٽي نيشنل ڪمپنيون دوائن جا اگھه نه وڌائڻ تان  احتجاج طور ٻاهر وڃي رهيون آهن،  اسان جي ڪوشش آهي ته ساڻن ڳالهيون ڪري پوءِ ئي دوائن جا اگھه وڌايا وڃن، ڇاڪاڻ ته دوائون امپورٽ ڪرڻ سان مهانگيون پون ٿيون، هن چيو ته اها به حقيقت آهي ته فارما /ميڊيسن ڪمپنين کي خام مال ٻاهران گھرائڻ  مهانگو پوي ٿو،  هن چيو ته ٻارڙن ۾ دل جي بيمارين جو مک سبب ڪزن ميرج آهي، مجموعي طور تي ٻارڙن ۾ پيدائشي مرض جا ڪيس تيزي سان وڌيا آهن، هن چيو ته سنڌ ۾ ٻارڙن جا سرجري وارڊ وڌايا ويندا.