نوشهروفيروز (رپورٽر) ايم سڪس موٽر وي ميگا ڪرپشن ڪيس جي ھڪ جوابدار ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي، اسٽامپ وينڊر آفتاب سومرو ضمانت لاءِ اينٽي ڪرپشن سکر جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي، جنھن جي ٻڌڻي 5 جنوري 2023 تي رکي وئي آهي، ھوڏانھن ميگا ڪرپشن ڪيس جي جاچ ڪندڙ ادارن خاموشي اختيار ڪري ڇڏي آهي، ايف آءِ اي ملڪ کان ٻاھر ويل اڳوڻي ڊي سي جي واپسي لاءِ وڌيڪ ڪا به ڪارروائي ناھي ڪئي، جڏھن ته اينٽي ڪرپشن نوشھروفيروز ۽ نيب شھيد بينظير آباد جي جاچ سستي جو شڪار آھي ۽ ڪيس جا مک جوابدار اڃا تائين گرفتار ناهن ٿي سگهيا، مک جوابدار اڳوڻو ڊي سي تاشفين عالم ملڪ کان ٻاھر آھي، اين ايڇ اي جو ٺيڪيدار رحمت الله سولنگي، خالد چنه، اصغر جتوئي، تپيدار ٺارو پهوڙ، اڳوڻو مختيارڪار ڀرياسٽي نياز اڄڻ به روپوش آھن.