سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾، سکر ڊويزن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ متاثرن جي واهر نه ٿيڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي، عدالت پاران بحالي واري کاتي جي عملدار کان پڇاڻو، پروڪيورمينٽ ڪاميٽي جي چيئرمين اشفاق ميمڻ جي خودڪشيءَ جي جاچ جو حڪم. سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ سکر ڊويزن اندر برسات متاثر علائقن مان پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ متاثرن جي واھر نه ٿيڻ بابت داخل پٽيشن جي ٻڌڻي ڪئي، جنھن دوران لاڳاپيل عملدار عدالت ۾ پيش ٿيا. عدالت بحالي کاتي جي انچارج کان پڇاڻو ڪيو ته برسات ۽ ٻوڏ کانپوءِ بحالي وارو کاتو ڪٿي نظر ناهي آيو، اوهان ان کان اڳ ڪٿي هئا، اڄ اوهان جون ايمبولنس ڪهڙن علائقن ۾ ڪم پيون ڪن، 15 منٽن ۾ جاچ ڪري ٻڌايو وڃي. جسٽس صلاح الدين پنھور رمارڪس ڏيندي چيو ته سنڌ جا متاثر صوماليه ۽ ايٿوپيا جي عوام جي برابر آهن. وڪيل مطابق عدالت ۾ پي ڊي ايم اي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر آگاھي ڏني ته بحالي بابت صرف هڪ سيڪڙو ڪم ٿيو آهي، 99 سيڪڙو ڪم ناهي ٿي سگهيو. ان تي جسٽس صلاح الدين پنھور رمارڪس ڏنا ته لکين ماڻهو آفيسرن جي نااهلي سبب دربدر ٿيا آهن، برسات متاثرن بابت فنڊز جو استعمال پروڪيورمينٽ ڪاميٽي جي نگراني ۾ ٿيڻو آهي. ان ڪاميٽي جي چئرمين اشفاق ميمڻ خودڪشي ڇو ڪري ڇڏي آهي، اوهان مان ته ڪنهن آفيسر خودڪشي ناهي ڪئي. ڇا هو ايماندار هو، عدالت گھرو کاتي جي سيڪريٽري کي، اشفاق احمد جي خودڪشيءَ جا ڪارڻ معلوم ڪرڻ لاءِ ڪاميٽي جوڙڻ جي ھدايت ڪندي رمارڪس ڏنا ته اشفاق اوهان جي ٻيڙيءَ ۾ سوار نه هو. جيڪڏهن هجي ها ته جون ۾ فيملي سان گڏ پئرس جي ٽوئر تي هجي ها. عدالت برسات متاثر علائقن بابت جوڙيل ڪاميٽي کي جائزو وٺي ايندڙ ٻڌڻي تي اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي شنوائي ملتوي ڪري ڇڏي.