حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ ترقي پسند پارٽي ملڪ ۾ وقت کان اڳ ٿيندڙ تڪراري ڊجيٽل آدمشماري کي سنڌ خلاف سازش قرار ڏئي ان کي فوري طور تي روڪڻ جو مطالبو ڪندي اعلان ڪيو آھي ته جيڪڏھن حڪومت فرمائشي آدمشماري ڪرائڻ وارو سلسلو بند نه ڪيو ته 4 مارچ کان 20 مارچ تائين ڪراچي پريس ڪلب سامھون احتجاجي ڪيمپ قائم ڪري سڄي سنڌ جي ضلعي ھيڊڪوارٽرز ۾ احتجاجي مظاھرا ڪري ڌرڻا ھنيا ويندا. ان ڏس ۾ ايس ٽي پي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي پنھنجي رھائشگاھ تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته آدمشماري تي کين اھو اعتراض آھي ته 10 سالن جي عرصي کانپوءِ آدمشماري ٿيندي آھي پر ھن ڀيري آخر اھڙو ڪھڙو ماحول جڙيو آهي جو 2027ع ۾ ٿيڻ واري آدمشماري وقت کان اڳ ڪرائي پئي وڃي. هن چيو ته ڊجيٽيل آدمشماري واري عملي ۾ اڪثر اھڙو عملو شامل آھي جنھن کي موبائيل فون به ھلائڻ نٿو اچي. جيڪڏهن ھي آدمشماري ٽيبليٽ تي ٿيندي ته پوءِ اھو عملو ڪيئن ٽيبليٽ استعمال ڪندو جنهن مان لڳي رھيو آھي ته ھي آدمشماري به 2018ع وارين عام چونڊن ۾ آر ٽي ايس واري نظام موجب ٿيندي جنھن ۾ انجنيئرنگ ڪري تناسب جي حساب سان آدمشماري جا انگ اکر پڌرا ڪيا ويندا ان لاءِ سنڌ اھڙي فراڊ آدمشماري کي قبول نه ڪندي. ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ ۾ ٻوڏ واري صورتحال سبب ڏيڍ ڪرڙو ماڻھو دربدر ٿي ويا آھن جڏهن ته 15 لک ماڻھن جا گھر ڊھي پٽ ٿي ويا آھن پوءِ اھڙي صورتحال ۾ انھن جي گھرن ۽ ماڻھن جي ڳڻپ ڪيئن ٿيندي اھو به وڏو سوال آھي. ھن چيو ته آدمشماري ۾ سڃاڻپ ڪارڊ جو شرط ختم ڪري ڊي فيڪٽو آدمشماري جو فيصلو ڪيو ويو آھي جنھن جي ڪري ھاڻ اھي سمورا ڌاريا ٻين ملڪن ۽ صوبن جا ماڻھو پاڻ کي سنڌ جو شھري ڳڻائي وٺندا ڇاڪاڻ ته انھن ماڻھن کان سندن اصل رھائش جو به نه پڇيو ويندو. مشرف ۽ راحيل شريف جي دور ۾ ٿيل آپريشنن کانپوءِ وانا ۽ وزيرستان مان 20 لک ماڻھو ھتي آيا ۽ واپس نه ويا. ان کانسواءِ افغان جنگ کانپوءِ افغانستانين سميت ٻين ملڪن جا تڙيل ماڻھو به سنڌ ۾ غير قانوني طور آباد آھن ان ڪري آدمشماري ملڪ لاءِ پلاننگ بدران سنڌ خلاف سازش لڳي رھي آھي. هن چيو ته پيپلزپارٽي جي اڳواڻن کي اکين ۾ ٿورو به شرم آھي ته وفاقي حڪومت کي چون ته ھي آدمشماري روڪي وڃي.