باھو کوسو (ن پ ا) بلوچستان جي علائقي اوسته محمد جي صدر ٿاڻي جي حد ڳوٺ قربان بروھي ۾ جوابدار حضور بخش جمالي پسٽل جا فائر ڪري پنھنجي زال گلناز ۽ نوجوان اسرار جمالي کي قتل ڪري ڇڏيو.پوليس جوابدار حضور بخش جمالي کي گرفتار ڪري لاش سول اسپتال اوستا محمد مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا، لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو. پوليس موجب جوابدار حضور بخش جمالي ڪارنھن الزام ھيٺ پنھنجي زال ۽ نوجوان کي گوليون ھڻي قتل ڪري ڇڏيو آھي ڳوٺاڻن جي بروقت اطلاع تي پھچي جوابدار کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪيو آھي.