بجلي جي بچت جو فيصلو، مارڪيٽس رات 8 وڳي بند ڪرڻ جو اعلان

0
446

بجلي جي بچت جو فيصلو

وفاقي حڪومت بجلي جي بچت لاءِ سڄي ملڪ ۾ ريسٽورنٽس ۽ مارڪيٽس رات 8 وڳي بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي

شادي هال رات جو 10 وڳي تائين بند ٿيندا، وفاقي وزير خواجا آصف، مريم اورنگزيب ۽ قمر زمان ڪائرا وفاقي ڪابينا اجلاس بابت بريفنگ ڏني

خواجا آصف چيو ته 8 وڳي مارڪيٽون ۽ ريسٽورنٽس بند ڪرڻ سان 8 کان 9 هزار ميگا واٽ بجلي بچائي سگهجي ٿي ۽ 62 ارب رپين جي بچت پڻ ٿيندي

هن چيو ته  سمورن صوبن سان مشاورت بعد خميس ڏينهن پاليسي فائنل ڪئي ويندي، سڄي دنيا ۾ مارڪيٽون شام 6 وڳي بند ٿين ٿيون، پر اسان وٽ رات 2 وڳي تائين به کُليل آهن

وفاقي وزير چيو ته ، 20 سيڪڙو ملازم گهر ويٺي ڪم ڪندا، توانائي بچت سان حڪومت سميت سڀني کي فائدو ٿيندو