باڊهه ڀرسان انٽر جي شاگردياڻي استاد هٿان مبينا اغوا

0
253

باڊهه (ن پ ا) باڊھ ٿاڻي جي حد ڳوٺ گابر مسڻ مان انٽر جي شاگردياڻي سويرا مسڻ مبينا طور اغوا ٿي وئي

شاگردياڻي جي والد غلام سرور مسڻ  باڊھ ٿاڻي  تي ساڳئي ڳوٺ جي گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول جي استاد غلام قادر سولنگي مٿان شاگردياڻي سويرا جي اغوا جي اين سي داخل ڪرائي ڇڏي

 هوڏانهن مبينا طور اغوا ڄاڻايل شاگردياڻي جي وارثن غلام سرور مسڻ عارب مسڻ ۽ ٻين مظاهرو ڪندي پوليس مٿان الزام هنيو ته اين سي داخل هئڻ جي باوجود به باڊھ پوليس نياڻي جي بازيابي لاءِ ڪي به قدم ناهن کنيا

هنن گهر ڪئي ته سويرا مسڻ کي فوري طور بازياب ڪرائي انصاف مهيا ڪيو وڃي،  چيو پيو وڃي ته انٽر جي شاگردياڻي ڳوٺ گابر مسڻ ۾ قائم ڪيل گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ۾  پڙهندي هئي ۽ الزام هيٺ آيل استاد ساڳئي ڳوٺ جي اسڪول ۾ استاد مقرر ٿيل هو ۽ اتي ئي ڊيوٽي ڪندڙ ھو ۽استاد شادي شده ۽ اولاد وارو پڻ آھي