ڪراچيءَ جي ناري ڪوٽڏيجي واسي نوجوان سان پيار پرڻو ڪري ڇڏيو

0
785
ڪراچيءَ جي ناري ڪوٽڏيجي

ڪوٽڏيجي (ن پ ا)  ڪراچي جي 18 سالا ناري خيرپور جي ڪورٽ ۾ ڪوٽڏيجي جي نوجوان سان پسند جو پرڻو ڪري ڇڏيو آهي

ڪراچي جي ڳوٺ ماروئڙا جي رهواسڻ مقدس ولد عبدالخالق خاصخيلي ڪوٽڏيجي جي ڳوٺ غلام حسين گوپانگ جي رهواسي 19 سالا نوجوان گل حسن ولد غلام عباس گوپانگ سان خيرپور جي ڪورٽ ۾ نڪاح ڪري ڇڏيو

ناري ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته مون کي نه ڪنهن ورغلايو آھي, نه ئي ڪنهن ڀڄايو آھي, آءُ گل حسن کي پسند ڪندي هئس ان لاءِ  ساڻس گهران نڪري ڪري شريعت محمدي موجب نڪاح ڪري شادي ڪئي آھي

هن چيو آهي ته منهنجا مائٽ يا سندن حمايتي منهنجي مڙس يا ان جي مائٽن خلاف ڪيس وغيره ڪن ته انهن کي ڪوڙو سمجهيو وڃي

ھي به پڙھندا

ڏهرڪي: هندو ناري مسلمان ٿي پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو