باڊھه (ن پ ا) باڊھه جي لُنڊ پاڙي مان 6 مهينا اڳ مبينا طور اغوا  ٿيل 22 ورهين جي  ناري غلا صغريٰ لنڊ پراسرار نموني بازياب ٿي  گهر پهچي وئي، ان موقعي تي ناري ٻڌايو ته  6 مهينا اڳ صبح جي وقت اسان جي گهر ۾ گهڙي 3 هٿياربندن رابيل چنو، امجد موريو ۽ هڪ نامعلوم گهر ڀاتين جي سامهون هٿيارن جي زور تي  مون کي اغوا ڪري ڪراچي کڻي ويا، جتي 2 جوابدارن امجد موريو ۽ نامعلوم مون کي رابيل چنو جي حوالي ڪيو، جنهن مون کي هڪ نامعلوم جڳھه تي قيد ۾ رکي 6 مهينن تائين تشدد ۽ زيادتي جو نشانو بڻايو ۽ نڪاح جو ڪوڙو ڊرامو ڪري زبردستي فوٽو ڪڍي اخبارن ۾ خبرون هلايون ته مون ساڻس پسند جي شادي ڪئي آھي، جڏهن ته مون ڪا به شادي ناهي ڪئي، هن  چيو ته جوابدار رابيل چنو مونکي هڪ گهر ۾ قيد ڪري ٻاهران تالو هڻي ويندو هو 2 ڏينهن پهريان هن کان گهر کي تالو هڻڻ وسري ويو جنهن ڪري مان وجھه وٺي هڪ پاڙي جي گهر ۾ ويس جن کان ڪرايو وٺي ڪراچي کان باڊھه  مالڪن وٽ پهتي آھيان،   جوابدار منهنجي والد ۽ ڀائرن کي ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آھن، انصاف ڪري تحفظ فراهم ڪيو وڃي. هوڏانهن پوليس ٻڌايو ته ڪيس داخل ٿيڻ بعد ڪارروائي ڪري 2 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو هو، جيڪي عدالت مان ضمانت  تي آزاد ٿيل آهن، ان معاملي جو ڪيس لاڙڪاڻو  جي عدالت ۾ هلندڙ آھي جڏهن ته ناري کي اڄ  عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.