ڪڙيوگهنور:  ( ن پ ا ) ڪڙيوگهنور  جي باءِ پاس جي ڀرسان ڳوٺ ڌرمشي ڪولهي پاڙي ۾ 5 ڏينهن اڳ  14 ورهين جي نينگر سان 3 جوابدارن جي اجتماعي بدفعلي ڪرڻ بعد   کيس بيهوشي واري حالت ۾ سندس گهر ٻاهران ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا هئا جوابدار بااثر هئڻ ڪري معاملو ميڊيا کان لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ راڄوڻي ڪري مسئلو حل ڪرڻ لاء ڳجها هٿ سرگرم ٿي ويا آهن. ان ڏس ۾  ڳوٺ ڌرمشي ڪولهي جي رهواسي ،14 ورهين جي نينگر رميش  ولد  ٺاڪرشي ڪولهي سان ٽن جوابدارن نشو ڏئي  زوري  بدفعلي ڪئي. معاملي کي شھر جي هڪ اوطاق تي راڄوڻي ڪرڻ جا چوٻول  هلندڙ ھئا ته ميڊيا  کي سڌُ پوڻ تي  صحافي نينگر جي گهر پهچي ويا. جتي نينگر رميش صحافين  کي ٻڌايو  ته   مون کي  جوابدار اڪو شيدي، ڌيرو ڪولهي ۽ ھڪ نامعلوم ماڻھوءَ هڪ اوطاق تي کڻي وڃي بوتل ۾ ڪو نشو ڏئي بيهوش ڪيو ۽ بعد ۾ بدفعلي ڪندا رهيا. اڌ رات جوگهر ٻاهران بيهوشي جي حالت  ۾ اڇلي  فرار ٿي ويا،  هوش اچڻ تي وارثن سان پاڻ سان ٿيندڙ ظلم جي  ڳالھه ڪيم،  نينگر ايس ايس پي  بدين  کان  پاڻ سان  انصاف  ۽ جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ڪڙيوگهنور پوليس واقعي کان بي خبر بڻيل رهي، نينگر جي پيءُ ٺاڪرشي ڪولهي رابطي تي ٻڌايو ته اسين غريب هاري ماڻهو آھيون، ڊپ ۽ خوف سبب ڳالھ بند ڪري ڇڏي هئي، اڄ فيصلو رکيل آھي پوء ڏسون ڇا ٿو ٿئي، ٻئي پاسي ٽائيم نيوز تي خبر هلڻ کان پوء ڪڙيوگهنور پوليس ۾ ٿرٿلو مچي ويو، جيڪا به وارثن ۽ نينگر کان پڇا ڪرڻ ۽ معاملي کي جلد حل ڪرائڻ لاء سرگرم آھي.