باقراڻي (ن پ ا) باقراڻي شهر ۾ 2 ڏينهن اڳ سانگي ۽ پنھور ڌرين ۾ ھلندڙ تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿي ويل نينگر اسلم ميمڻ جي تڏي تي پ پ اڳواڻ طارق انور سيال، نعيم اختر شاهه، رياض حسين شاهه، سائين بخش بروهي، رسول بخش جيسر  ۽ ٻيا پهتا، ان موقعي تي طارق انور سيال متاثر خاندان سان ساٿ ڏيڻ ۽ جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي جو يقين ڏياريندي چيو ته اسان اوهان سان هر موڙ تي گڏ آهيون، بيگناهه معصوم ٻارڙي جي قتل ۽ شھر ۾ فائرنگ ڪري خوف هراس ڦهلائڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، نينگر اسلم ميمڻ جي چاچن لائق ميمڻ ، حاجي علي نواز ميمڻ ۽ اياز ميمڻ روئيندي چيو ته اسان پورهيت ماڻهو آھيون نه ڪيس داخل ڪرائينداسين نه جهيڙو ڪنداسين، اسان جي دانهن الله سائين کي آهي، الله پاڪ اسان سان انصاف ڪندو.