حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سٽي تعلقي جي ميان سرفراز ٽائون جي چيئرمين شپ واري معاملي کانپوءِ سچل سرمست ٽائون تي پ پ پاران چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي عهدن تي نامزد ڪيل اميدوارن تي مقامي اڳواڻن اعتراض واريندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کان مطالبو ڪيو آهي ته هو سندن احتجاج جو نوٽيس وٺي. پريس ڪلب ۾ پ پ اڳواڻ اعظم کٽياڻ، غلام اصغر کهڙو، گلاب خان خٽڪ، محبوب علي وگهيو ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي خدشن جو اظهار ڪيو. هنن چيو ته سچل سرمست ٽائون تي چيئرمين تاج ولي خان پٺاڻ ۽ وائيس چيئرمين عبدالجبار جتوئي کي نامز ڪيو ويو آهي جنهن بعد مختلف برادرين سان تعلق رکندڙ پ پ جي پراڻن اڳواڻن کي سخت تحفظات آهن ڇاڪاڻ ته انهن سدائين پارٽي جي سڏ تي لبيڪ ڪندي ڪراچي کان ڪشمور تائين تحريڪن ۾ شامل رهيا آهن. هنن چيو ته سندن جيئڻ مرڻ پيپلز پارٽي سان آهي پر ٽائون جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي عهدن تي اصل جيالن کي نظرانداز ڪرڻ تي کين سخت تڪليف پهتي آهي ڇاڪاڻ ته سچل سرمست ٽائون جي سمورين يونين ڪميٽيون کٽرائڻ ۾ اتان جي مقامي جيالن ۽ ووٽرن پاران ڪيل ڏينهن رات واري محنت شامل آهي جنهن ڪري ٽائون تي نمائندگي ملڻ به سندن حق آهي. هنن پ پ ليڊيز فريال ٽالپر، صوبائي صدر نثار کهڙو سميت اعليٰ قيادت کان مطالبو ڪيو ته هو سچل سرمست ٽائون ۾ رهائش پذير پ پ جي مقامي اڳواڻن ۽ جيالن جي خدشن کي نظر ۾ رکندي کين ٽائون نمائندگي ڏين. واضح رهي ته ان کان اڳ ميان سرفراز ٽائون تي بلال مصطفيٰ کي چيئرمين نامزد ڪرڻ تان پ پ جي مقامي يونين ڪميٽين جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين سخت احتجاج ڪيو هو.