بابر اعظم، فخر زمان ۽ نيپال جو خوال ڀرنل اپريل جا بهترين ڪرڪيٽر قرار

0
433

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ٽيم جي ڪپتان بابراعظم ۽ اوپنر فخرزمان کي اپريل مهيني جا بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو آهي. انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل پاران منٿ آف اپريل جي لاءِ اعلانيل نالن ۾ پاڪستان جو بابراعظم ۽ فخرزمان سان گڏ نيپال جو خوال ڀرنل جو نالو به شامل آهي. بابراعظم اپريل ۾ ون ڊي جو نمبر ون بيٽسمين ٿيڻ جو اعزاز حاصل ڪيو، فخرزمان ڏکڻ آفريڪا خلاف هڪ ڏينهن واري ميچ ۾ شاندار پرفارمنس ڏيندي 193 رنز جي اننگز کيڏي سڀني جون دليون کٽي ورتيون. آءِ سي سي ويمن پليئرز آف دي منٿ ۾ آسٽريليا جا ٻه ۽ نيوزي لينڊ جو هڪ ڪرڪيٽر شامل آهن، فينز سان ڪرڪيٽ ايڪسپرٽ پينل ووٽنگ ذريعي پليئر آف دي منٿ جي چونڊ ڪندو آهي.