نوشهروفيروز (رپورٽر) بااثر زميندار پاران پنهنجي زمينن جو پاڻي ڪڍڻ لاءِ داد برانچ کي مبينا طور ڪٽ، آبپاشي عملدار جون دانهون، وڊيو وائرل، خبر موجب بااثر زميندار آر ڊي 24 وٽان داد برانچ کي ڪٽ ڏئي ڇڏيو، جنهن بعد پاڻي تيزي سان آبادين طرف وڌي رهيو آهي، آبپاشي عملدار سليمان ميمڻ ڪٽ وٽ بيهي دانھون ڪندي نظر اچي رهيو آهي، جنهن جي وڊيو پڻ وائرل ٿي وئي آهي، وڊيو ۾ ايس ڊي او آبپاشي چئي ٿو ته ايس ايڇ او نوشهروفيروز کي اڳ ئي اطلاع ڏنو ھو پر هن ڪو به قدم نه کنيو، جنھن ڪري بااثرن داد برانچ کي ڪٽ ھڻي ڇڏيو آهي، عملدار موجب ڪٽ جو پاڻي پڇڙي وارن کي ٻوڙيندو ۽ پڇڙي۾ اڳ ۾ ئي پاڻي بيٺل آهي، جنهن ڪري وڌيڪ نقصان ٿي سگهي ٿو،