ڳاڙهو  (ن پ ا)  ٺٽي ضلعي جو تاريخي شهر کاروڇاڻ جتان سنڌو دريا سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿو، جيڪو هميشه پاڻيء جي گهيري ۾ رهي ٿو پر حاليه برساتن ۽ ٻوڏ واري صورتحال کانپوء کاروڇاڻ شهر سميت آسپاس جا سمورا ڳوٺ ۽ علائقا پاڻيء هيٺ اچي ويا آهن. تاريخي قبرستان يار محمد شاھ ۾ پاڻي داخل ٿي ويو آهي،در گاه سميت ڪيتريون ئي قبرون مسمار ٿي ويون آهن. مقامي غريب ماهيگير ماڻهو پنهنجا ٻچڙا ڪا واهر نه هئڻ سبب هوڙن ۾ ويهاريو ويٺا آهن. ضلعي انتظاميا ۽  مان ڪير به کاروڇاڻ نه پهتو آهي ۽ نه ئي سندن ڪنهن پرگهور لڌي آهي. انهي سلسلي ۾ بنا مقابلي چونڊيل ڪائونسلر محمد سليمان کٽي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڊي سي ٺٽو کي بار بار گذارشون ڪري کاروڇاڻ جي صورتحال کان آگاھ ڪيو آهي پر ڪو به ريليف يا مطمئن ڪندڙ جواب  نٿو ڏي، هن وس وارن کي اپيل ڪندي چيو ته کاروڇاڻ واسين جي فوري طور سار لڌي وڃي ۽ کين امدادي پيڪيج فراهم ڪري سندن واهر ڪئي وڃي.