لاڙڪاڻو (رپورٽ: نادر ابڙو) لاڙڪاڻي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ لاڙڪاڻو جي حڪم تي ٻوڏ ۽ برساتن متاثر جي واهر نه ٿيڻ توڙي ٻين مسئلن جي حل لاءِ فورٿ سول جج اينڊ جڊيشل مئجسٽريٽ محمد سليم اعواڻ جي سربراهيءَ ۾ جوڙيل سٽيزن ڪاميٽي سول جج اينڊ جڊيشل مئجسٽريٽ سميت چانڊڪا ميڊيڪل اسپتال جي ميڊيڪل سپريٽيڊنٽ ڊاڪٽر گلزار تونيو، ڊسٽرڪٽ بار ايسوسئيشن جي صدر ايڊووڪيٽ صفدر غوري، سماجي اڳواڻ حاجي انور علي کوکر، مختيارڪار لاڙڪاڻو نياز سيال ۽ ٻين شهر جي ميونسپل اسٽيڊيم ۾ قائم ٽينٽ سٽي سميت گورنمينٽ گرلس ڪاليج، پي وي اسڪول توڙي سرڪاري سطح تي قائم ڪيل رليف ڪئمپن جو دورو ڪري سهولتن جو جائزو ورتو. ٽينٽ سٽي جي دوري دوران سول جج اينڊ جڊيشل مئجسٽريٽ ترسيل ٻوڏ ۽ برسات متاثرن کان ملندڙ کاڌ خوراڪ، ميڊيڪل سميت ٻين سهولتن بابت معلومات ورتي، جنهن تي متاثرن سول جج اينڊ جڊيشل مئجسٽريٽ کي شڪايت ڪئي ته کين وقت سِر کاڌو نه پيو ملي ۽ نه ئي ميڊيڪل جون بهتر سهولتون ملي رهيون آهن. ڪجهه عورتن شڪايتون ڪيون ته کين بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جا پئسا به ڪو نه مليا آهن جنهن ڪري هو سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيون آهن ۽ اڪثر متاثرن گهر ڪئي ته کين راشن ۽ ٽينٽ ڏنا وڃن جيئن هو پنهنجي ماڳن ڏانهن هليا وڃن. متاثرن جي اهڙي شڪايتن تي سول جج اينڊ جڊيشل مئجسٽريٽ ايم ايس ۽ مختيارڪار کي هدايت ڪئي ته متاثرن جي پرگهور لهي کين گهربل سهولتون فراهم ڪيون وڃن. ان کان اڳ مختيارڪار ۽ چانڊڪا اسپتال جي ميڊيڪل سپريٽيڊنٽ طرفان سول جج اينڊ جڊيشل مئجسٽريٽ کي کاڌ خوراڪ ۽ طبي سهولتن بابت تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني. ان حوالي سان سٽيزن ڪاميٽي جي سربراهه ايڊووڪيٽ صفدر علي غوري ٻڌايو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي جوڙيل سٽيزن ڪاميٽي جي ميمبر طور اڄ ميونسپل اسٽيڊيم ۾ قائم ٽينٽ سٽي، گورنمينٽ گرلس ڪاليج، پي وي اسڪول سميت سرڪاري سطح تي رليف ڪئمپن جو درجو ڏنل رليف ڪئمپن جو دورو ڪيو جتي 40 سيڪڙو متاثرن اها گهر ڪئي آھي ته پنهنجي اصل ماڳن ڏانهن وڃڻ لاءِ کين راشن ۽ ٽينٽ ڏنا وڃن. هن چيو ته ميونسپل اسٽيڊيم ۾ قائم ٽينٽ سٽي ۾ وڌ کان وڌ شڪايتون مليون جتي جانورن سان گڏ ماڻهو رهن پيا جتي وڏي انگ ۾ مليريا جا مريض آهن ۽ کين ملندڙ راشن وقت شهري اچي اتي تماشو ڏسي متاثرن جو راشن کڻي وڃن ٿا، جتي سيڪيورٽي جا به جوڳا انتظام ناهن. هن چيو ته ميڊيڪل ڪئمپ ۾ ڊاڪٽرن جي کوٽ آهي ان کي پوري ڪرڻ جي لاءِ شهيد محترمه بينظير ڀٽو ميڊيڪل يونيورسٽي جي انتطاميه کي گذارش ڪئي ويندي ته هو پوسٽ گريجوئيٽس ڊاڪٽرن کي مقرر ڪن.