اھو شخص جيڪو 555 ڏينھن تائين بغير دل جي زندهه رھيو

0
441

ڇا اوھان تصور ڪري سگھو ٿا ته ڪو شخص دل جي بغير زندهه رھي سگھي ٿو؟ نه ته….. پر امريڪي رياست مشي گن جو ھڪ رھائشي اسٽين لارڪن 555 دن تائين بغير دل جي زندهه رھيو ۽ انھيءَ دوران دوستن سان گڏ راندين جي سرگرمين ۾ به حصو وٺندو رھيو. اسٽين لارڪن کي 25 سالن جي عمر ۾ فاميئل ڪارڊيومي پيٿي نامي بيماري لاحق ھئي. اھا دل جي ھڪ اھڙي بيماري اھي جنھن ۾ متاثر شخص جو دل ڪنھن بھ وقت اچانڪ مڪمل طور بند ٿي ويندو آھي ۽ اوھان ڪيترا به صحت مند ڇونھ ھجو اوھان جي موت واقع ٿي ويندي آھي. انھيءَ کانپوءِ اسٽين لارڪن کي ٽرانسپلانٽ جي ضرورت ھئي ۽ انھيءَ کي مستقل طور تي اسپتال ۾ رھڻو ھو تاڪھ ڊاڪٽر ان جي مسلسل نگراني ڪري سگھن. جڏھن تھ يونيورسٽي آف مشي گن جي ڊاڪٽرز ھن جي پٺيءَ ۾ ھڪ مصنوني دل لڳايو جيڪو تقريبن 2 سال يعني 555 ڏينھن تائين دھڙڪندو رھود ۽ پوءِ 2016ع ۾ ان جو ھارٽ ٽرانسپلانٽ ڪيو ويو ۽ اھو اڃان بھ زندھ آھي.