گمبٽ (ن پ ا) اڳڙا ٿاڻي جي حد مان نامعلوم  هٿياربند پوليس اهلڪار وزير احمد ڪلهوڙو کان موٽرسائيڪل، موبائيل فون، روڪ رقم ۽ ٻيو سامان به ڦر ڪري ڦرار ٿي ويا. پولس اهلڪار وٽان سرڪاري رائيفل ڦرجڻ جو چوٻول. تفصيل موجب اڳڙا ٿاڻي جي حد مان 3 نامعلوم هٿياربند بهارو ٿاڻي تي ڊيوٽي ڪري گھر موٽندڙ پوليس اهلڪار وزير احمد ڪلهوڙو کان موٽرسائيڪل، روڪ رقم، موبائيل فون ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري ڦرار ٿي ويا. ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته ڏوهاري پوليس اهلڪار کان سرڪاري رائيفل ڦر ڪري هٿ رومال سان ٻڌي ڇڏي ڦرار ٿي ويا. پوليس اهلڪار وزير احمد ڪلهوڙي ٻڌايو ته بهارو ٿاڻي تي ڊيوٽي ڪندو آهيان، رات جي وقت ڊيوٽي ڪري گھر اچي رهيو هئس ته ٽي نامعلوم هٿياربندن روڪي موٽرسائيڪل، موبائيل فون، روڪ رقم ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري فرار ٿي ويا. پوليس شڪ جي بنياد تي 10 کان وڌيڪ شڪي ماڻهن کي حراست ۾ ورتو آهي. هوڏانهن بهارو پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته پوليس اهلڪار سان ذاتي دشمني سبب ڏوهاري وڙهيا آهن ۽ موٽرسائيڪل، موبائيل فون ۽ ٻيو سامان ڦر ڪري ڦرار ٿي ويا آهن. پوليس اهلڪار کان سرڪاري رائيفل ڦر ناهي ٿي.