ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) زال جي ناراضگي جو صدمو، ڪراچي ۾ نوجوان ڦاهو کائي آپگھات ڪري ڇڏيو،  گھر مان 3 ڏينهن پراڻو لاش هٿ، اورنگي ٽائون سيڪٽر 11/2 ۾ هڪ گھر مان 30 ورهين ي نديم ولد تسليم جو 3 ڏينهن پراڻو ڦاهو کاڌل لاش مليو. اطلاع تي پوليس پهچي لاش اسپتال منتقل ڪيو. پوليس موجب نديم نشو ڪندو هو، جنهن جي ڪري سندس زال ٻارن کي وٺي مائٽن ۾ هلي وئي هئي. زال ۽ ٻارن جي ڇڏي وڃڻ بعد نديم دلبرداشته ٿي آپگھات ڪيو آهي.