نفيس نگر (ن پ ا) نفيس نگر ڀرسان ميرالھه بخش فارم موڙ وٽ ٻن جوابدارن ڳوٺاڻن کان موٽر سائيڪل ڦر ڪرڻ  جي ڪوشش ڪئي، جنهن دوران ڳوٺاڻن مزاحمت ڪئي ته هٿياربندن ڳوٺاڻن ميوو خاصخيلي ۽ سھڻو خاصخيلي زخمي ڪري ڇڏيو، رڙين تي علائقي واسي پهچي ويا جن هڪ ڦورو عبدالڪريم ٽنگڙي کي سوگهو ڪري مارڪٽ بعد پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ٻيو ڦورو فرار ٿي ويو، بعد ۾ پوليس ڪارروائي ڪري ٻئي ڦورو صادق ٽنگڙي کي پڻ گرفتار ڪري ورتو. هوڏانهن زخمي ڳوٺاڻن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.