سوال/سروي سنڌ جي اڪثر علائقن ۾ بنيادي سهولتون ناهن، حڪومت تعليم، صحت، پاڻي، بجلي، گيس جا مسئلا حل ڪري: عوام

0
311

  ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته اوھان جي علائقي جا ڪھڙا بنيادي مسئلا آھن جيڪي حڪومت کي حل ڪرڻ گھرجن جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته تعليم، صحت، پيئڻ جي پاڻي، بجلي ۽ گيس جي سهولتن جا مسئلا آهن، لائبريري ۽ پارڪ ناهن، روڊ ٽٽل آهن، ڊرينيج سسٽم ناڪارا آهي، حڪومت کي فوري طور بنيادي مسئلا حل ڪرڻ گهرجن، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي فضل ابڙو لکيو ته وڏيرا سمورن مسئلن جو ڪارڻ آهن، خادم گهراڻو لکيو ته نصرپور ۾ بجلي جو بندش جو وڏو مسئلو آهي، ٻيو ته لائبريري ناهي، گلزار ملاح لکيو ته مانجهند ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي ۽ روڊن رستن جي سهولت ناهي، شاهنواز چاوڙو لکيو ته سيراڻي ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي سميت تعليم،صحت،گئس،ڊرينيج سسٽم ناهي، امجد عاجز منگي لکيو ته مقصودورند ۾ هائير سيڪنڊري اسڪول ناهي، نياڻين جو الڳ اسڪول ناهي، نيڪال سسٽم بلڪل به ناهي، روڊ رستا اکڙيل آهن، لائبريري ناهي، تفريح لاءِ ڪو پارڪ ناهي، سردار ايم اي لنجو لکيو ته اسلام ڪوٽ ۾ منشيات جو وڏو آزار آهي، هادي بخش کوسو لکيو ته اسان جي ڳوٺ محمد کوسو ۾ ڪي به بنيادي سهولتون ناهن، ايس ڪي ڀٽو لکيو ته اسان جو ڳوٺ سالار ڀٽو ڳڙھي خدا بخش ڀٽو کان تقريبن 8 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آھي جنھن ۾ نه روڊ نه گئس نه ڊرينيج سسٽم نه وري ڪا ڊسپينسري يا اسڪول آهي، حاڪم ڪٽوهر لکيو ته ڳڙهي خيرو ۾ صحت، بجلي ۽ تعليم جا مسئلا آهن، علي رضا لکيو ته ڪوٽڙي ۾ حددخلين جو آزار آهي، گندگي آهي، مجيب الرحمان لکيو ته تعليم، صحت ۽ امن امان جامسئلا آهن، شاهد ڏاهري لکيو ته ڀريا روڊ ۾ گيس ناهي، نماڻو نوناري لکيو ته ٺل ۾ پيئڻ لاءِ مٺو پاڻي نٿو ملي، ارشد لغاري لکيو ته ايس پي ايس سي بند آهي، غلام رسول راهمون لکيو ته اسان جي ڳوٺ دهوڙ گدڙو ۾ اسڪول نه آهي، پاڻي ۽ بجلي جي سهولت به ڪونهي، راجا خان عباسي لکيو ته ڀريا سٽي ۾ اسان وٽ ڪاليج ۾ استاد مقرر ناهن، شيراز چانگ لکيو ته ڳوٺ مٺو خان چانگ، ٽنڊو غلام حيدر ۾ روڊ، بجلي، گئس، پيئڻ جو صاف پاڻي جا مسئلا آهن، ڌڻي بخش نصيراڻي لکيو ته سنڌ پوليس ايس آر پي ۾ ٽيسٽ پاس ٿيل اميدوارن کي آفر آرڊر ڏنا وڃن، عبدالسلام جان به سروي ۾ حصو ورتو، حاجي ملاح لکيو ته پيرولاشاري  ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي سميت تعليم،صحت،گئس،ڊرينيج سسٽم جي ڪابه سھولت ناھي، روشن منگي لکيو ته گهوٽڪي ۾ وڏي اسپتال گهرجي، خليل ابراهيم راڄڙ به سروي ۾ حصو ورتو، عبدالحفيظ ويسر لکيو ته سئي گيس شهر ۾ گندگي جو آزار آهي، غلام حسن ڀٽي لکيو ته پراڻا جتوئي تعلقي موري جي اسپتال ڳچ عرصي کان بند پيل آھي، طارق باجڪاڻي لکيو ته تنگواڻي ۾ نه لائبريري آهي نه پارڪ آهي، منيش واسو لکيو ته مٺي ضلعي ٿرپارڪر جي ڳوٺ بيسيڌر جي ڊاڻي ۾ ڪي به سهولتون ناهن، توحيد بروهي لکيو ته مدئجي جو مين وڏي ۾ وڏو مسئلو پاڻي جو آهي، نديم شيخ لکيو ته اسان جو ڳوٺ جھنڊو مشائخ گذريل ڪيترن ئي سالن کان بنيادي مسئلن جي ور چڙهيل آهي، جمال الدين چنا لکيو ته اوٻاوڙو جي يوسي ريتي ۾ ڪي به سهولتون ناهن، جاويد احمد لکيو ته اهو پڇو ته ڪهڙو مسئلو نه آهي. قربان عالياڻي لکيو ته اسانجي علائقي ڇور ۽ نيوڇور جا مسئلا تمام گهڻا آھن پاڻي جي سهولت ناهي، روڊ اکڙيل آهن، صديق پنهور لکيو ته بدين شهر جي وارڊ 6 ۾ روڊ، گيس جي پريشر، بجليءَ جي اڻهوند ۽ ڊرينج جو وڏو مسئلو آهي، امان الله شر لکيو ته گهوٽڪي ۾ پيئڻ لاءِ پاڻي ناهي، عابد شر لکيو ته ٺري ميرواھه ۾ گرلز ڪاليج، لائبريري ناهي، شيراز گاڏهي لکيو ته گاجي کهاوڙ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آهي ٻيو ته هتي بينڪ ناهي، ايم عيسيٰ لنڊ لکيو ته بدين ۾ اسان جي ڳوٺ الله بخش لنڊ ۾ ڪي به بنيادي سهولتون ناهن، حمادالله کٽي لکيو ته ميرپوربٺورو شھر ۾ دوائن جي کوٽ، لائبريري جي اڻهوند، اسڪول بند، ڊرينيج سسٽم تباهه ۽ روڊ ٽٽل آهن، سليم اختر لکيو ته ڌڱاڻي بوزدار ۾ پيئڻ جي پاڻي ۽ ڊرينيج جو مسئلو آهي، عمر پنهور لکيو ته مديجي ۽ ڀرپاسي برادرين جو جهيڙو پيو هلي اهو ختم ڪرايو وڃي، طالب چانڊيو لکيو ته وارهه ۾ صحت، تعليم، بجلي گيس، پاڻي جي ڪا به بهتر سهولت ناهي، محمد بلاول لکيو ته ڏهرڪي ۾ نادرا جي سهولت به ناهي، ثناءُالله چنا لکيو ته پيروسڻ ۾ ڪي به سهولتون ناهن، وقاص ياسين آرائين لکيو ته ڦلجي شهر مسئلن جي ور چڙهيل آهي، نذير ڏاهر لکيو ته ڄام صاحب شهر ۾ ڪيترائي مسئلا آهن، قيصر محمد نواز لکيو ته 78موري ۾ ڊسپنسري، لائبريري ۽ هاءِ اسڪول جي سخت ضرورت آھي، عاقب حسين لکيو ته ٺري ميرواهه ۾ روڊ رستا خراب آهن، عرفان سيلرو لکيو ته شهدادڪوٽ شهر جا رهواسي هن جديد دور ۾ به بنيادي سهولتن کان محروم آهن. گلشير بلوچ لکيو ته ڏهرڪي جي يوسي کيروهي ۾ پاڻي صحت ۽ تعليم جي سهولت ناهي، جمال الدين چنا لکيو ته يوسي ريتي تعلقا اٻاڙو ۾ روڊ تباهه ٿي ويا آهن، موهن لال لکيو ته شام داس ڪالوني مٺي ۾ پاڻي ۽ روڊ جي سهولت ناهي. علي گل ڏيٿو لکيو ته اسان جي ڳوٺ حيدر ڏيٿو تعقلو سجاول جوڻيجو ۾ نه اسڪول آهي نه وري بجلي جي سهولت آهي، احمد رند لکيو ته ڇاڇرو کان مبارڪ رند روڊ 14 سالن کان تباهه ٿيل آهي، عبدالشڪور سنجراڻي لکيو ته شھدادپور کان شاھپوچاڪر تائين 28 ڪلوميٽر روڊ تباهه ٿيل آهي. محمد اسماعيل لانگاهه، محمد علي ڀٽو، غلام حسين مهر، وقاص نوناري، محمد حسن بلوچ، وحيد ڄامڙو، زاهد باجڪاڻي، اسدالله هنڱورجو، بشير ميراڻي، فضل الرحمان ساسولي، محمد بلاول، علي گل چانڊيو، نرمل پرمار، عجيب الرحمان چنا، شوکت علي خيبر، عبدالرحمان چانگ، محمد الهيار، عامر حسين ۽ ٻين پڻ سروي ۾ حصو ورتو.