چمبڙ  (ن پ ا) اڳوڻي صوبائي وزير امداد خان پتافي کي چمبڙ لڳ مسو بوزدار ۾ آجياڻو ڏنو ويو. ضلعي ڪائونسل ميمبر اسلم بوزدار طرفان ايم پي اي کي سون جو تاج پرايو ويو ان ڏس ۾ تعلقي چمبڙ يونين ڪائونسل مسو بوزدار ۾ ضلعي ڪائونسل جي ميمبر اسلم بوزدار پاران پ پ پ ايم پي اي امداد پتافي جي مان ۾ جلسو ڪوٺايو ويو جنهن ۾ پيپلز پارٽي جي اڳواڻن سميت علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ان موقعي تي جلسي کي خطاب ڪندي ايم پي اي امداد پتافي چيو ته سنڌ حڪومت برسات سبب متاثر ٿيل ماڻهن کي 20 لک گهر ٺاهي ڏيندي جنهن لاء نوجوان چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڏينهن رات محنت ڪري رهيو آهي هن چيو ته پيپلز پارٽي کي هميشه خطرو رهيو آهي ڇو ته پ پ پ هميشه عوامي حقن جي ڳاله ڪئي آهي انهي رستي تي هلندي محترمه بينظير ڀٽو شهيد ٿي امداد پتافي چيو ته عمران خان کي پنهنجي اقتدار جي ڪجه نظر نٿو اچي عمران خان ڊفالٽر شخص آهي جنهن کي عوام جي ڪا به پرواه نه آهي ۽ انشاءالله هي ڪڏهن به اقتدار ۾ نه ايندو هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي عمران نيازي جي ٽي سالا ناڪامي جو ثبوت آهي ڪوشش ڪريون پيا ايندڙ وقت ۾ بهتري ايندي.