لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان سپر ليگ _8 جي 30هين ميچ ۾ ڪراچي ڪنگز جي ٽيم لاهور قلندرز کي 86 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي. پهرين بيٽنگ ڪندي ڪراچي ڪنگز 7 وڪيٽن جي نقصان تي 196 رنسون ٺاهيون. ڪنگز پاران محمد اخلاق 51، ڪپتان عماد وسيم 45 ۽ طيب طاهر 40 رنسن سان نمايان رهيا. لاهور جي بالرن ۾ زمان خان، حارث رئوف، حسين طلعت 2_2 ۽ دلبر حسين هڪ وڪيٽ ورتي. جواب ۾ لاهور قلندر جي ٽيم 19هين اور ۾ 110 رنسن تي آل آئوٽ ٿي وئي.  لاهور پاران سڀ کان وڌيڪ 25 رنسون حسين طلعت ٺاهيون. ڪراچي جي بالرن ۾ عماد وسيم، عاڪف جاويد، محمد عمر ۽ عمران طاهر 2_2 ۽ جيمس فلر 1 وڪيٽ ورتي.