مدئجي (رپورٽ: معظم ڀٽو) نئين ديري جي ڪچي ۾ قربان شيخ ۽ فيض محمد شيخ جي ڌرين ۾ ڍور ڦرڻ جي مامري تان ست سال کان هلندڙ خوني تڪرار جو نبيرو مدئجي ۾ ڪماريا هائوس تي نجف ڪماريو ۽ ايم پي اي معظم عباسي جي سرپئنچيءَ ۾ ٿيو. نبيري دوران ٻنهي ڌرين مٿان مجموعي طور تي 82 لک ڏنڊ مقرر ڪيو ويو. قربان شيخ جي ڌر مٿان 3 خون ۽ ٻه زخمي ثابت ٿيڻ تي 62 لک ڏنڊ وڌو ويو،  جڏهن ته فيض محمد شيخ ڌر تي ڍور ڦر ڪرڻ جو الزام ثابت ٿيڻ تي 20 لک لڳايو ويو. هوڏانهن  فيض محمد ڌر ڏنڊ جي رقم مان ٻه لک معاف ڪيا ويا، جڏهن ته باقي ڏنڊ جي رقم مان قربان شيخ جي ڌر جي ڏنڊ جي رقم مان 20 لک ڪاٽيا ويا، باقي رهيل ڏنڊ جي رقم 40 لک جي رقم ڏوهي ڌر قسطن ۾ ادا ڪندي. ان موقعي تي نجف ڪماريو ٻڌايو ته  قربان شيخ  ۽ فيض محمد شيخ جي ڌرين ۾ چوري جي مامري تان جهيڙو هلندڙ هو، ٻنهي ڌرين جو سرچاءُ ڪري کير کنڊ ڪيو آهي،هن وڌيڪ چيو ته  قبيلائي تڪرارن کي ختم ڪرڻ لاءِ اسان جون ڪوششون جاري آهن، هوڏانهن آخر ۾ دعا خير گهري وئي.ياد رهي ته نئين ديري جي ڪچي واري علائقي شيخ برادري ۾ 7 سال کان مينهون ڦرڻ تان تڪرار هلندڙ ھو. جنهن ۾ 3 انساني جانيون ضايع ۽ ٻه زخمي ٿيا هئا.