اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اڳوڻو سينيٽر انور بيگ لاڏاڻو ڪري ويو، انور بيگ جي جنازي نماز ايچ 8 قبرستان ۾ اڄ ادا ڪئي ويندي، انور بيگ پ پ ۽ نواز ليگ جو حصو رهيو، پ پ دور ۾ هو بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو چيئرمين به رهيو، انور بيگ جي وڇوڙي تي مختلف سياسي ۽ سماجي اڳواڻن ڏک جو اظهار ڪيو.