واشنگٽن /ٽورنٽو (م ڊ)  آمريڪا جي صدر جو بائڊن ۽ ڪينڊين وزيراعظم جسٽن ٽروڊو سڄي دنيا جي مسلمانن کي عيد جون واڌايون ڏنيون آهن. آمريڪي صدر جو بائڊن پنهنجي پيغام ۾ چيو ته آئون پنهنجي ۽ پنهنجي زال جي طفان آمريڪا سميت سڄي دنيا ۾ رهندڙ مسلماننکي عيد مبارڪ چوانٿو. عيد هڪ اهڙي مهيني جي پڄاڻي تي ايندي آهي، جيڪو ايثار، قرباني۽ محتب ڀائيچاري جي جذبي سان ڀرپور هجي ٿو. ڪيڻڊيا جي وزيراعظم سڄيدنيا جي مسلمانن کي پنهنجي ۽ پنهنجي زال جي طرفان عيد جون واڌايون ڏنيون. ٻئي پاسي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس، برطانيا جي وزيراعظم رشي سونڪ ۽ ٻين اهم عالمي اڳواڻن به مسلمانن کي عيد جون واڌايون ڏنيون آهن.